اسلام آباد – 06 – جون (اي پي پي) پاڪستان ۽ پولينڊ جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي م??اورت جو اٺون دور اسلام آباد ۾ ٿيو. پرڏيهي آفيس جي ??رجمان پاران جاري بيان موجب ڳالهه ٻولهه ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت ايڊيشنل پرڏيهي سيڪريٽري (يورپ) سفير محمد سليم ڪئي جڏهن ته پولش وفد جي قيادت پولينڊ جي پرڏيهي وزارت جي ??ندر سيڪريٽري ووبچ گيرويل ڪئي. پاڪستان ۾ پولينڊ جي ??فير ماڪيج پسارسڪي پڻ مشاورتي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ڌرين ٻطرفن لاڳاپن جي ??مورن رخن جو جائزو ورتو ۽ اعليٰ سطح جي مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. هن واپار، سيڙپڪاري، توانائي جي ??عبي، ڊيري ۽ زراعت، مالياتي شعبي، دفاع، لڏپلاڻ ۽ چر??ر، اعليٰ تعليم ۽ ويزا نظام کي هم آهنگ ڪرڻ جي ??عبن ۾ تعاون کي وڌائڻ جي پنهنجي گڏيل خواهش جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي ملڪن جي ميڊيا هائوس ۽ چيمبرز آف ڪامرس جي وچ ۾ تعاون جي ??وصلا افزائي تي پڻ اتفاق ڪيو ويو. بيان موجب ڌرين گ??يل دلچسپي جي ??لائقائي ۽ عالمي م??املن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ گڏيل قومن سميت عالمي فورمز تي تعاون جو جائزو ورتو. هن اهم معاملن تي موجود هم آهنگي ۽ گهڻ رخي فورمن تي تعاون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. مشاورت جو ايندڙ دور 2024ع ۾ وارسا ۾ ٿيندو.