اسلام آباد – 13 – مارچ (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمين?? عارف علوي وڻڪاري مهم تي ڀرپور ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي لاءِ قدم لازمي آهن، عورتن کي تعليم يافته، هنرمند ۽ معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ وقت جي اهم گهرج آهي، عورتن کي تعليم ۽ صحت جون هڪ جهڙيون سهولتون ميسر هجڻ گهرجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن فلورل آرٽ سوسائٽي آف پاڪ??تا?? جي اهتمام هيٺ منعقد نمائش کي خطاب ڪندي ڪيو. نمائش ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن کانسواءِ عورتن جي هڪ وڏي انگ شرڪت ڪئي. هن چيو ته پاڪ??تا?? جون عورتون باصلاحيت آهن ۽ انهن کي موقعا ملڻ تي آرٽ سميت مختلف شعبن ۾ نالو پيدا ڪيو آهي. خاتون اول چيو ته ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ مردن سان گڏوگڏ عورتن کي به موقعا ملڻ گهرجن. هن چيو ته فلورل آرٽ هڪ شوق ئي ن?? پر ذهني صحت جي لاءِ به ضروري آهي، ساوڪ سان توهان تازگي جو احساس حاصل ڪريو ٿا ۽ اها بي چيني ۽ پريشاني کي ختم ڪري ٿي. بيگم ثمين?? عارف علوي چيو ته ساوڪ سان ماحول کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملي ٿي ۽ ان جي ماحول تي مثبت اثر پون ٿا. هن شرڪت ڪندڙن تي زور ڏنو ته اهي ساوڪ کي فروغ ڏين ڇو ته ان سان ماحول کي متوازن رکڻ ۾ مدد ملي ٿي، پاڪ??تا?? جي شهرن ۾ ساوڪ گهٽ آهي ۽ ??ن قدم سان پاڪ??تا?? جي خوبصورتي وڌائڻ ۽ قائم رکڻ ۾ مدد ملندي. خاتون اول وڻڪاري مهم تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته شهرن ۽ عوامي جاين جي خوبصورتي کي وڌائڻ جي لاءِ ڀرپور قدم لازي آهن، پنهنجي ڀرپاسي جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ عورتن ۽ نوجوانن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته آئون به فلورل آرٽ جي ميمبر آهيان، عورتون پنهنجي ڪوششن سان مهارت ۽ تخليق فن کي وڌائي سگهن ٿيون جڏهن ته باغباني کي فروغ ڏيڻ گهرجي. بيگم ثمين?? عارف علوي ن??ائش ۾ رکيل فلورل آرٽ جا نمونا پڻ ڏٺا ۽ انهن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو.