اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان ۽ ??مر??ڪا جي وچ ۾ واپاري ۽ سيڙپڪاري ميمبر ايگريمينٽ (ٽيفا) ڪائونسل جو نائون اجلاس هن وقت واشنگٽن ۾ جاري آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس ڪانفرنس ۾ چيو ته ٽيفا ڪائونسل جي اجلاس جي گڏيل صدارت وفاقي وارو وزير سيد نويد قمر ۽ ??مر??ڪي واپاري ن??ائندو ڪيٿرين تائي ڪئي. ٽيفا ٻنهي ملڪن کي ٻطرفي واپار ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪرڻ جي لاءِ هڪ فورم فراهم ڪري ٿو جنهن ۾ ??مر??ڪي مارڪيٽ تائين پاڪستاني برآمدات جي پهچ جي ڳولا به شامل آهي. ترجمان چيو ته اجلاس ۾ ڌريون واپار، سيڙپڪاري، زراعت، فوڊ سيڪيورٽي ۽ آءِ ٽي تعاون ۾ گذريل سال ٿيندڙ ٽيفا انٽر سيشن اجلاس کانپوءِ ٿيندڙ اڳڀرائي جو جائزو وٺندي ۽ گڏيل طور تي لاڀائتي طريقي سان واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي طريقن ت?? به خيالن جي ڏي وٺ ڪندي. هن چيو ته اڄ جو ٽيفا ڪائونسل جو اجلاس هن سال ??مر??ڪا سان اعليٰ سطحي ٻطرفي ڳالهه ٻولهه جي سلسلي ۾ هڪ ٻيو اهم سنگ ميل آهي. ترجمان چيو ته اهو تعاون جي وسيع البنياد ٻطرفي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ ۾ مثبت رفتار وڌائڻ جي لاءِ ٻنهي ڌرين واڳيل اهميت جي نشاندهي ڪري ٿو. ??مر??ڪا ??اڪستان ٽيفا ڪائونسل جو آخري اجلاس 2016ع ۾ اسلام آباد ۾ ٿيو هو.