تاشقند – 24 – جنوري (اي پ?? پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽ?? زرداري اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي 26 هين وزارتي ڪائونسل جي اجلاس جي موقعي تي تاشقند ۾ ترڪيه جي پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آ??يس موجب ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ويجهي ڀائراڻن لاڳاپن جو ورجاءُ ڪندي پاڪستان ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم کي ورجايو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن عالمي ۽ علائقائي اه??يت جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.