اسلام آباد– 16 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب سپريم ڪورٽ ??ار جي اڳوڻي صدر عبدالطيف آفريدي جي قتل جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته عبدالطيف آفريدي مظلومن جو مضبوط آواز هو، هو حق ڳالهائيندڙ ۽ ??چو انسان هو، ان جي بي رحماڻي قتل جي جيتري مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي. پنهنجي مذمتي بيان ۾ هن چيو ته خيبرپختونخواهه ۾ بار روم جي اندر اهڙي قسم جي بي رحماڻي ڪارروائي امن امان جي سنگين صورتحال جو مظهر آهي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته عبدالطيف آفريدي جي آئين، قانون ۽ ج??هوريت جي لاءِ جدوجهد کي سلام پيش ڪريون ٿا. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.