اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ما??هن جي ل??ءِ موزون ماحول ۽ معاشري جي سمورن شعبن ۾ هڪ باوقار ميمبر طور شموليت جي ل??ءِ قومي سطح تي تيز ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته تعليم واري وفاقي وزارت انهن کي معياري تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر جي فراهمي جي ل??ءِ نصاب جي تياري ۾ قائداڻو ڪردار ادا ڪري، لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان خصوصي ما??هن کي خصوصي سڃاڻپ ڪارڊز جي فراهمي جي ل??ءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ما??هن جي سهولتڪاري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه جي زڪوات، عشر، سماجي ڀلائي، خصوصي تعليم ۽ عورتن کي بااختيار بڻائڻ جي کاتي جي وزير انور زيب خان، سنڌ جي وڏي وزير جي ڊي اي پي کاتي بابت خاص معاون، نادرا چيئرمين محمد طارق ملڪ جڏهن ته نيشنل هيلٿ سروسز، ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وفاقي وزارت، پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخواهه، بلوچستان جي سماجي ڀلائي جي ادارن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي ايليمنٽري اينڊ سيڪنڊري ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ، ??نجاب جي ليبر اينڊ هيومن ريسورس ڊيولپمينٽ ڊپارٽمينٽ جي عملدارن ۽ نيوٽيڪ، پاڪستان بيت المال جي نمائندي، ڊائريڪٽوريٽ آف اسپيشل ايجوڪيشن اسلام آباد، اين آئي آر ايم، ڊبليو ايڇ او ۽ نادرا جي عملدارن شرڪت ڪئي. گلگت بلتستان جو وڏو وزير خالد خورشيد خان پڻ وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. صدر خصوصي ما??هن جي ل??ءِ موزون ماحول ۽ معاشري جي سمورن شعبن ۾ هڪ باوقار ميمبر طور شموليت جي ل??ءِ قومي سطح تي تيز ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ته تعليم واري وفاقي وزارت خصوصي ما??هن کي معياري تعليم ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن موجب هنر جي فراهمي جي ل??ءِ نصاب جي تياري ۾ قائداڻو ڪردا ادا ڪري، نصاب جي تياري ل??ءِ سمورين ڌرين بشمول صوبن، عالمي ۽ غيرسرڪاري تنظيمن ۽ نجي شعبي سان مشاورت ڪئي وڃي. هن چيو ته اسڪولن ۾ استادن ۽ خصوصي شاگردن جي تناسب کي پڻ نظر ۾ رکيو وڃي. صدر چيو ته خصوصي ما??هن جي معذوري جي ڏس ۾ انهن کي فراهم ڪري سگهجندڙ مهارتن جي لسٽ تيار ڪئي وڃي، اشارن جي زبان، بريل، سافٽ ويئر جي تياري، ڪاروبار قائم ڪرڻ ۽ شين ۽ خدمتن جي آن لائن فراهمي جهڙين مهارتن سان خصوصي ما??هن کي ليس ڪري سگهجي ٿو، خصوصي ما??هن جي وڏي پئماني تي رجسٽريشن جي ل??ءِ هڪ تيز تر نظام تيار ڪرڻ جي ضرور آهي، خصوصي ما??هن جي رجسٽريشن سان منصوبابندي ۽ ٻين خدمتن جي فراهمي جي ل??ءِ انگ اکر حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. صدر نادرا پاران خصوصي ما??هن جي ل??ءِ سڄي ملڪ ۾ رجسٽريشن جي ل??ءِ ڪئي ويندڙ ڪوششن کي ساراهيو. هن چيو ته نادرا پاران ٽيليفون تي خصوصي ما??هن جي معلومات ۽ رجسٽريشن جو نظام متعارف ڪرائڻ جي ضرورت آهي، لاڳاپيل ادارن جي تعاون سان خصوصي ما??هن کي خصوصي سڃاڻپ ڪارڊز جي فراهمي جي ل??ءِ هر ممڪن سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته نادرا وٽ 6 لک جي لڳ ڀڳ رجسٽرڊ خصوصي ما??هن جو انگ پاڪستان ۾ خصوصي ما??هن جي آبادي جي حوالي سان اندازي کان ڪيترائي ڀيرا گهٽ آهي، خصوصي ما??هن ۽ انهن جي خاندانن جي حقن بابت تعليم ۽ معلومات جي فراهمي جي ل??ءِ هڪ ٺوس ميڊيا مهم جي ضرورت آهي. هن چيو ته سرڪاري ۽ نجي ادارا 2 کان 5 سيڪڙو ڪوٽا جي حساب سان خصوصي ما??هن کي نوڪريون ڏيڻ جا پابند آهن، خيرات جي نيت سان خصوصي ما??هن کي نوڪريون ڏيڻ جي حوصلا شڪني ڪرڻ گهرجي، خيرات جي نيت سان ڏني ويندڙ نوڪريون ملازمن جي وقار جي خلاف آهن ۽ ادارن جي ل??ءِ قدر ۾ اضافي جو سبب نه ٿيون بڻجن. اجلاس دوران نادرا پاران خصوصي ما??هن جي ل??ءِ ڪيترن ئي قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو ويو. نادرا چيئرمين طارق ملڪ بريفنگ ڏيندي چيو ته سمورن خصوصي ما??هن کي معذوري جي عالمي نشان سان ايگزيڪيوٽو سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪيا پيا وڃن، خصوصي ما??هن سڄي عمر جي ل??ءِ سڃاڻپ ڪارڊ ڊگهي قطار ۾ انتظار کانسو??ءِ ترجيحي بنيادن تي جاري ڪيا پيا وڃن، خصوصي ما??هن کي گهر تي رجسٽريشن جي سهولت جي ل??ءِ بائيڪ سروس پڻ جاري ڪئي وئي آهي، نادرا خصوصي ما??هن کي ڀرتي ڪيو جن ووٽرز جون لسٽون ڪاميابي سان تيار ڪيون.