اسلام آباد – 27 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته 27 ڊسمبر 2007ع ع??ام جي محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ??اقابل فراموش ڏينهن آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي ??اء?? محترمه بينظير ڀٽوجي تاريخي خدمتن تي ان کي ??را?? عقيدت پيش ڪريون ٿا، محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ورسيءَ تي کيس ??را?? عقيدت پيش ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جمهوري ۽ سياسي جدوجهد جي روشن علامت آهي جنهن عوام جي حقن جي جدوجهد ۾ شهادت ماڻي، 27 ڊسمبر 2007ع جو ڏينهن عوام جي هڪ محبوب اڳواڻ جي شهادت جو ??اقابل فراموش ڏينهن آهي. وزيراعظم چيو ته اسلماي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي سڄي عمر مسلسل جدوجهد جي ولولي انگيز داستان آهي، ملڪ، عوام ۽ جمهوريت جي ??اء?? محترمه بينظير ڀٽو جي تاريخي خدمتن تي ??را?? عقيدت پيش ڪريون ٿا. آئين جي سربلندي، آمريت جي خلاف سندس عزم ۽ نڊر عوامي ۽ سياسي تحريڪ تاريخ جو ??ابل فخر ۽ سنهرو باب آهي. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته قائد محمد نواز شريف ۽ محترمه بينظير ڀٽو ملڪ ۽ عوام کي مثاق جمهوريت جو تاريخي تحفو ڏنو، ملڪ جي سياست ۾ هڪ نئين دور جي شروعات ٿي، ميثاق جمهوريت اسان جي اڳواڻن جي سياسي بصيرت جو ??ڪ تاريخي ڪارنامو آهي جنهن سان پاڪستان ۾ هڪ نئين سياسي ڪلچر ۽ روايت جي شروعات ٿي، محترمه بينظير ڀٽو شهيد دهشتگردي جي خلاف جرئتمنداڻو ۽ واضح موقف اختيار ڪيو. وزيراعظم چيو ته محترمه بينظير ڀٽو جي شهادت دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي پڪي عزم جو ثبوت آهي، محترمه بينظير ڀٽو ملڪي دفاع جي مضبوطي، آئيني ادارن جي تقويت ۽ سماجي ڀلائي جي ??اء?? اڻٿڪ خدمتون سرانجام ڏنيون. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري سميت گهرڀاتين ۽ شهيد بينظير ڀٽوجي سمورن واڳيلن سان تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪريون ٿا، الله تعاليٰ شهيد بينظير ڀٽو سميت سمورن شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ گ??رڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.