لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پا?? وطن اسان سڀني کان اتحاد، ٻ??ي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي ۽ ايم اين اي حسين الاهي سان ملاقات دوران ??يو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران ??ڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ سياسي ۽ معاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي صدر کي پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي عوام جي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته اسان ??ي پا??ستاني بڻجي رڳو پا??ستان جو ئي سوچڻو آهي، سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پا?? وطن اسان سڀني کان اتحاد، ٻ??ي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو آهي، معاملن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ مان پوري ??مي?? آهي ته پا??ستان جي لاءِ بهتر رستو نڪري ايندو.