اسلام آباد – 12 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي مصنوعي ذهانت جي اخلاقي استعمال، ڊيٽا جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ پاڪستا?? جي اعليٰ تعليمي ادارن سان علم ۽ مهارت جي آن لائين ۽ کلي حصيداري تي زور ڏيندي چيو آهي ته ناليواري عالمي يونيورسٽين سان حصيداري ۽ تعاون سان پاڪستاني ش??گرد?? جي صلاحيتن کي عالمي معيار موجب بڻائڻ ۾ مدد ملندي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار يونيورسٽي آف آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن چيو ته آڪسفورڊ جهڙن عالمي ادارن ۾ پاڪستاني ش??گرد?? جي نمائندگي انهن کي پنهنجا خيال بهتر بڻائڻ، تعليمي هدف حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڏيندي. صدر چيو ته اهڙي طرح جي تعاون ۾ فيڪلٽي ۽ شاگرد?? جي مٽاسٽا، هڪ ٻئي جي تعليمي پاليسين ۽ قدمن بابت معلومات ۽ تجرب?? جي مٽاسٽا، سيمينارز ۽ ڪانفرنسون منعقد ڪرڻ ۽ عملي جي صلاحيت وڌائڻ جي لاءِ مختصر مدي جي تربيتي ماڊيولز جي منصوبابندي ۽ عملدارن جا گڏيل دورا شامل آهن. صدر چيو ته يونيورسٽي آف آڪسفورڊ ۽ پاڪستاني ادار?? جي وچ ۾ مضبوط، پائيدار ۽ بامعنيٰ رابطن کي فروغ ڏيڻو پوندو، هائير ايجوڪيشن ڪميشن پنهنجي آن لائين تعليمي پاليسي جو اعلان ڪيو آهي. ڊاڪٽر عار?? علوي چيو ته آن لائين ۽ هائبرڊ تعليمي نظام سان شاگرد?? جي انگ ۾ اضافو ڪري سگهبو. صدر آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستان بابت مختلف سرگرمين تي آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام کي ساراهيو، پروگرام آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستاني ۽ برٽش پاڪستاني ش??گرد?? جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ان موقعي تي صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام اسڪالرشپ ۽ ريسرچ گرانٽس فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستاني فيلو پروگرام جي ش??وعات سان آڪسفورڊ يونيورسٽي ۾ پاڪستا?? جي نمائندگي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. صدر کي ٻڌايو ويو ته آڪسفورڊ پاڪستان پروگرام سنڌ، بلوچستان، خيبرپختونخواهه، گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ پنجاب سان تعلق رکندڙ معاشي طور تي پٺتي پيل شاگردن کي ترجيحي بنيادن تي وظيفا ڏيڻ جا طريقا ۽ ذريعا ڳوليندو ته جيئن صنعتي توازن ۽ شموليت کي يقيني بڻائي سگهجي.