اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي طلب ۽ پهچ تي ڪڙي نظر رکڻ ۽ صارفين کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزير??عظ?? شهباز شريف جي صدارت ۾ هڪ اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي لوڊشيدنگ تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ مختلف تجويزن تي غور ڪيو ويو. وزير??عظ?? آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزير??عظ?? کي توانائي واري وزارت سرديءَ جيموسم ۾ بجلي جي طلب ۽ پهچ ۽ ٻارڻ جي ڪاٿن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزير??عظ?? لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته سرديءَ جي موسم ۾ بجلي جي صارفين کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ س??ور?? ضروري قدم کنيا وڃن. وزير??عظ?? ان ڳالهه جي به هدايت ڪئي ته بجلي پيدا ڪرڻ جي لاءِ درآمدي ٻارڻ تي گهٽ کان گهٽ دارومدار ڪيو وڃي ۽ مقامي وسيلن کي استعمال ڪري عوام کي سستي بجلي مهيا ڪئي وڃي. ملاقات ۾ اڳوڻي وزير??عظ?? ۽ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير محمد اسحاق ڊار، پارلياماني معاملن واري وزير مرتضيٰ جاويد عباسي، توانائي واري وفاقي وزير انجنيئر خرم دستگير خان، وزير??عظ?? جي صلاحڪار احد چيما، ??يٽروليم واري مملڪتي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، خاص معاونين ڊاڪٽر جهانزيب خان، جنيد انور چوڌري ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.