اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) دنيا جي چئن مختلف ملڪن ۾ آزاد ۽ خودمختيار خالصتان رياست قائم ڪرڻ جي لاءِ ٿيل ريفرنڊم ۾ 2 لک 8 هزار سکن حصو ورتو ۽ ڀارت جي پنجاب کي آزاد ڪري اتي آزاد ۽ خودمختيار خالصتان رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اهڙي قسم جي ??يفرنڊم جي ??روعات گذريل سال آڪٽوبر ۾ ٿي جيڪو برطانيا، جنيوا، اٽي ۽ ڪئناڊا ۾ ٿيو جنهن ۾ سک برادري جي وڏي انگ حصو ورتو ۽ تازو ٿيل مشق ڪئناڊا جي ??هر برامپٽن ۾ 18 سيپٽمبر تي ٿي جنهن ۾ هڪ اندازي موجب هڪ لک 10 هزار سکن جيڪي بالغ آدمشماري جو 20 سيڪڙو آهن انهن آزاد ۽ خودمختيار رياست جو مطالبو ڪيو.
پهريون خالصتان ريفرنڊم 31 آڪٽوبر 2021ع تي برطانيا ۾ ٿيو هو جنهن ۾ 30 هزار سکن حصو ورتو هو ۽ جنيوا ۾ گذريل سال 10 ڊسمبر تي ٿيل ريفرنڊم ۾ 6 هزار ماڻهن آزاد رياست جي ??ق ۾ ووٽ ڏنو هو جڏهن ته ساڳئي طرح اٽلي ۾ ٿيل ريفرنڊم ۾ 62 هزار سکن ۽ ڪئناڊا ۾ هڪ لک 10 هزار سکن حصو ورتو هو. ڪئناڊا ۾ ريفرنڊم سک فار جسٽس تنظيم پاران ??رايو ويو هو، جيڪو سک اڳواڻ گرپت ونت سنگهه پنو جي ??ڳواڻي ۾ پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ ٿيو هو. جڏهن ته گرپت ونت سنگهه ميڊيا سان ??الهين ۾ خالصتان رياست جو نقشو پيش ڪندي چيو هو ته شملا ان جي گادي وارو شهر هوندو. اهڙي قسم جي ??يفرنڊم کانپوءِ سک آزاد موومينٽ هاڻي مکيه ڌارا ?? شامل ٿي وئي آهي.
ريفرنڊم دوران سک برادري ڀارت مخالف ۽ خالصتان جي ??ق ۾ نعريبازي ڪئي جڏهن ته خالصتان جي ??ق ۾ نڪتل ريلي ۾ 2 هزار کان وڌيڪ ڪارون شريڪ هيون. سک فار جسٽس سک برادري ۾ عالمي سطح تي سجاڳي آڻڻ جي لاءِ مهم هلائي رهي آهي، جيڪي ڀارت پاران مسلسل ظلم ۽ زيادتي جو شڪار آهن. جڏهن ته ڀارت تي ان حوالي سان دٻاءُ وڌو پيو وڃي ته اهي سرڪاري طور تي اهڙي قسم جو ريفرنڊم ڪرائي
گڏيل قومن جي ??رٽيڪل تحت ڪا به قوم پنهنجي ??ق جي لاءِ آواز اٿاري سگهي ٿي ۽ ان حوالي سان ريفرنڊم ۽ مظاهرا ڪري سگهي ٿي. جڏهن ته ڀارت پاران ??ئناڊا جي ??ڪومت تي ريفرنڊم روڪڻ جي لاءِ سخت دٻاءُ وڌو ويو پر ڪئناڊا جي ??ڪومت ريفرنڊم اهو چئي روڪڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ته ايس ايف جي ??و ريفرنڊم پرامن ۽ جمهوري انداز ۾ آهي ۽ اهو ڪئناڊا جي قانون موجب ٿي رهيو آهي.
جڏهن ته ڀارت جي پرڏيهي کاتن واري وزارت پاران ريفرنڊم تي سخت اعتراض واريا ويا آهن ۽ ان ??ي دهشتگرد عنصرن پاران هلايل سياسي تحريڪ جو نالو ڏنو ويو آهي جڏهن ته ڀارت جي مکيه اخبارن ۽ ٽيليويزن چينلز پاران سک برادري جي پرامن جمهوري مظاهري کي ڪوريج ناهي ڏني وئي جڏهن ته ان ??ي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو آهي.
جڏهن ته خالصتان ريفرنڊم جي ??ق ۾ ووٽ وجهندڙ ڪيترن ئي سکن مطالبو ڪيو آهي ته آزاد خالصتان رياست قائم ڪئي وڃي جڏهن ته هاڻي اها مهم آهستي آهستي ڀارت مان ٿيندي عالمي سطح تائين پهچي وئي آهي. هڪ تجزيه نگار موجب سک آزادي مهم هاڻي آهستي آهستي سک برادري ۾ مشهوري ماڻي رهي آهي. جڏهن ته وڊيو فوٽيجز ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي ته آزاد خالصتان جي مهم هاڻي سکن ۾ جاءِ والاري رهي آهي. جڏهن ته ان حوالي سان ويجهي ماضي ۾ ٿيل ڪيترائي ريفرنڊم ۽ ماڻهن پاران ووٽ ڏيڻ مان ظاهر ٿي رهيو آهي ته هاڻي سک ڀارت ۾ پنهنجو هڪ جدا ملڪ چاهين ٿا. خالصتان مهم 1980ع کان ??ارت پاران شروع ڪيل ظلمن کان آجپي جي لاءِ شروع ڪئي وئي آهي.