اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي مختلف اسٽيشنز تي 118 ايڊيشنل اٽ??رني جنرل، ڊپٽي اٽ??رني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽ??رني جنرل کي خدمتن تان هٽائڻ ۽ مختلف اسٽيشنز تي 128 وڪيلن جي بطور ايڊيشنل اٽ??رني جنرل، ڊپٽي اٽ??رني جنرل ۽ اسسٽنٽ اٽ??رني جنرل جي مقرري جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب چوڌري عامر رحمان جي ايڊيشنل اٽ??رني جنرل چار، اسلام آباد مان ايڊيشنل اٽ??رني جنرل هڪ، اسلام آباد ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. مرزا نصر احمد جي ايڊيشنل اٽ??رني جنرل هڪ، لاهور مان ايڊيشنل اٽ??رني جنرل ٻه، لاهور ٽرانسفر جي پڻ منظوري ڏني. وزير ولايت علي جو بطور ڊپٽي اٽ??رني جنرل، گلگت بلتستان مقرري جو نوٽيفڪيشن پڻ واپس وٺڻ جي منظوري ڏني. صدر خدمتن تان هٽائڻ جي منظوري سينٽرل لاء آفيسرز آرڊيننس 1970ع تحت ڏني. عهدو ڇڏيندڙ ۽ مقررين جي منظوري ق??نون ۽ انصاف واري وزارت جي سمري تي ڏني وئي.