دوحه – 24 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم برساتن جي نئين سلسلي جي ڏس ۾ ريسڪيو ۽ ريليف جو عمل تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ??زيراعظم ش??با?? شريف قطر مان ٻوڏ متاثرين جي ريسڪيو، ريليف جي قدمن جي نگراني ڪري رهيو آهي. وزيراعظم اين ڊي ايم اي سميت سمورين لاڳاپيل وزارتن ۽ کاتن کي گڏيل حصيداري سان ڪم ??رڻ جي هدايت ڪئي آهي. بيان موجب ??زيراعظم چيو آهي ته برساتن جو مسلسل سلسلو ٻوڏ جي تباهي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. ٻوڏ سبب ماڻهن جو تمام گهڻ?? نقصان ٿيو آهي، انهن جي مدد اسان سڀني جو فرض آهي، قدرتي آفت جو شڪار علائقن ۾ ب??الي هڪ تمام وڏو ڪم آهي، اهو گڏيل ڪوششن سان ئي ممڪن آهي. وزيراعظم اندرون ۽ ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين، سرندي وارن ادارن ۽ تنظيمن کي متاثرين جي مدد جي ڪم ۾ هٿ ونڊرائڻ جي اپيل ڪئي آهي.