چڪوال – 10 – آگ??ٽ (اي پي پي) ملڪ جي 75 هين جشن آزادي جي ڏهاڙي ڊائمنڊ جو??لي جي خوشي جي موقعي تي ضلعي انتظاميا ٽن ڏينهن جي شاندار تقريبن کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي. آزادي جي ڏهاڙي جي ڊائمنڊ جو??لي جون اهي تقريبون 12 کان 14 آگ??ٽ تائين ٽي ڏينهن جاري رهندون ۽ انهن تقريبن جي شروعات سڄي ضلعي ۾ 12 آگ??ٽ کان مسجدن ۾ فجر جي نماز کانپوءِ پاڪستان جي بقاءَ ۽ سلامتي ۽ خوشحالي ۽ ترقي جي لاءِ خصوصي دعائون ٿينديون ۽ 12 آگ??ٽ تي جشن آزادي جو ڪيڪ پڻ ڪاٽيو ويندو. اها ڳالهه اي ڊي سي روينيو تنوير مرتضيٰ جي صدارت ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ٻڌائي وئي جنهن ۾ اي ڊي سي جي اشعر اقبال، اي ڊي سي فنانس مجاهد عب??س ۽ ضلعي انتظاميا ۽ ٻين سرڪاري ادارن جي آفيسرن ۽ چڪوال آرٽس ڪائونسل جي نمائندن شرڪت ڪئي. اي ڊي سي روينيو تنوير مرتضيٰ چيو ته پاڪستان جي آزادي جي ڊائمنڊ جو??لي تقريبن جي سلسلي ۾ شهر جي ڪميٽي باغ ۾ 12 کان 14 آگ??ٽ مينا بازار/ فيملي فيسٽيول، اهڙي طرح ٽن ڏينهن واري تقريبن دوران تصويري نمائش، جشن آزادي جو ڪيڪ ڪاٽڻ ۽ وڻڪاري جي تقريبن، خوبصورت چراغان ۽ عمارتن جي سجاوٽ ڪئي ويندي. 13 آگ??ٽ تي رات 9 وڳي دلڪش آتشبازي جو مظاهرو ۽ ان سان گڏ ئي جشن آزادي مشاعرو پڻ منعقد ٿيندو. ان کان اڳ 13 آگ??ٽ تي ئي صبح 11 وڳي 15 چوڪ کان ڀون چوڪ تائين آزادي ڏهاڙو ريلي منعقد ڪئي ويندي جڏهن ته 13 ۽ 14 آگ??ٽ تي ڪٻڊي ۽ والي بال جي مئچز تي ٻڌل اسپورٽس ايونٽس منعقد ڪرايو ويندو. اي ڊي سي روينيو چيو ته 14 آگ??ٽ تي آزادي جي ڏهاڙي جي صبح ضلعي انتظاميا جي اهتمام هيٺ پرچم ڪشائي جي عاليشان مرڪزي تقريب 8 لڳي 58 منٽن تي منعقد ڪئي ويندي.