اسلام آباد – 23 – جون (اي پي پي) پاڪستان افغانستان ۾ شديد زلزلي جي متاثرين جي لاءِ امدادي ??امان روانو ڪري ڇڏيو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي پاڪستان افغانستان جي زلزلي متاثرين جي لاءِ امدادي ??امان روانو ڪيو آهي. ترجمان پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي پاران کيپ جو بندوبست ڪيو ويو جنهن ۾ خيما، ڪم??ل ۽ هنگامي دوائن تي ٻڌل سامان شامل آهي. پاڪستان افعانستان جي ڪجهه علائقن ۾ ايندڙ 6.1 شدت جي زلزلي کان متاثر افغان خاندانن جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي آهي.