اسلام آباد – 25 ̵1; اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪ??تا??ي پنهنجي سعودي ڀائرن سان پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن سعودي عرب جي دوري جي تياري جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر شاهد خاقان عباسي، سمنڊ پار پاڪ??تا??ين واري وفاقي وزير ساجد حسين ط??ري، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، وزيراعظم جي خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم چ??و ته پاڪ??تا?? ۽ سعودي عرب عوامي سطح تي اسلامي ڀائيچاري جي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهن، پاڪ??تا??ي پنهنجي سعودي ڀائرن سان پنهنجي پراڻن لاڳاپن کي انتهائي قدر جي نگاهه سان ڏسن ٿا. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته هو انهن لاڳاپن کي خاص طور تي روزگار، توانائي، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ موثر سفارشون جوڙي. واضح رهي ته وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ کا??پوءِ وزيراعظم شهباز شريف جو هي پهريون پرڏيهي دورو آهي جيڪو ٻنهي ڀائر اسلامي ملڪن جي وچ ۾ اڳ کا?? موجود ٻطرفن اسٽريٽجڪ لااڳپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو.