اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) مسلم ليگ (ن) جي قومي اسيمبلي ميمبر خواجه محمد آصف چيو آهي ته قوم کان نئين مينڊيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ اسان کي عام چونڊن طرف جلد کان جلد وڃڻو پوندو جنهن ??و فيصلو اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي گڏجي ڪرڻ گهرجي، پارليامينٽ، عدليه، فوج، بيوروڪريسي ۽ ميڊيا سڀني کي گڏجي ??لڪ کي مشڪل صورتحال مان ڪڍڻ ۾ پنهنجو ڪردار ??دا ڪرڻ گهرجي، اسان کي ٻاهر کان ڪو خطرو نه آهي، اسان کي اندران ئي خطرو آهي، بلوچستان جا ماڻهو اليڪشن جي ذريعي اهڙن نمائندن کي اڳتي آڻين جيڪي انهن ??ا مسئلا حل ڪري سگهن، اسان کي ناراض بلوچن کي سيني سان لڳائڻو پوندو ۽ انهن ??ي ناراضگي جا سبب ڄاڻڻا پوندا. خواجه آصف صدارتي خطاب تي بحث ۾ حصو وٺندي چيو ته عمران خان جي چار ??الا حڪومت جو دارومدار ڪوڙ تي هو. غيرملڪي تحفا وڪرو ڪندڙ پاڻ کي صادق ۽ امين چوي ٿو. اسرائيل ۽ ڀارت مان انهن کي فارن فنڊنگ ٿي. هن چيو ته سڄي سياسي قيادت کي گهرجي ته ان صورتحال جو ادراڪ ڪري. سينيئر صحافي حامد مير جي گهر تي پي ٽي آءِ وارن حملو ڪيو. جيڪڏهن ??چ ڳالهايئندڙن جو آواز بند ڪيو ويو ته اهو ??لڪ جي لاءِ نقص??نڪ??ر ٿيندو. ڪپتان پچ تي ليٽي پيو آهي. عمران خان جلسن جو هڪ نئون سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي اهو انهن ??و حق آهي. اتحادي حڪومت جي اڳواڻن کي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي اسان کي جلد کان جلد چونڊن طرف وڃڻ گهرجي. ??لڪ کي گهرو ويڙهه طرف ڌڪيو پيو وڃي. ??لڪ ڏيوالپڻو ٿيڻ جي ويجهو آهي ماڻهو ٻن وقت جي ماني لاءِ ترسي رهيا آهن ??ڏهن ??ه چيو پيو وڃي هي امپورٽيد حڪومت آهي. صدارتي خطاب تي بحث سهيڙي وڃي ته جيئن هي ايوان نارمل بزنس طرف اچي سگهي. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ۽ بلوچستان جا معاملا 30، 40 سالن کان اسان جي سامهون آهن. اسان کي بلوچستان جا مسئلا ۽ اتي هلندڙ تحريڪن جا سبب ڳولڻا پوندا.