اسلام آباد – 04 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي 3 اپريل تي قومي اسيمبلي جي تحليل جي پيش نظر آئين جي آرٽيڪل 224 (1) اي ??حت نگران وزيراعظم جي مقرري لاءِ موزون شخص تجويز ڪرڻ لاءِ وزيراعظم عمران احم?? خان نيازي ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ ميان محمد شهباز شريف کي خط لکيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر پنهنجي خط ۾ ٻنهي اڳواڻن کي آگاهه ڪيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جي تحليل ٿيڻ جي ٽن ڏينهن جي اندر وزيراعظم ۽ عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳوا?? ڪنهن شخص کي نگران وزيراعظم بڻائڻ تي متفق نه ٿين ته ٻه، ٻه، نالا قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي کي موڪلڻا پوندا جنهن جي جوڙجڪ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر فوري طور تي ڪندو، اسپيڪر جي جوڙيل ڪميٽي جا ڪل 8 ميمبر هوندا جيڪا عهدو ڇڏيندڙ قومي اسيمبلي يا سينيٽ يا ٻنهي جي ميمبرن تي مشتمل ه??ند??. ڪميٽي ۾ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ جيتري نمائندگي حاصل ه??ند??. خط موجب آئين جي آرٽيڪل 244 (1) اي ??حت ڪميٽي جي ميمبرن جي نامزدگي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳوا?? ڪندا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي پنهنجي خط ۾ وڌيڪ لکيو آهي ته وزيراعظم عمران احم?? خان نيازي آئين جي آرٽيڪل 224 (1) تحت نگران وزيراعظم جي مقرري تائين وزارت عظميٰ جي عهدي تي فائز رهندو. اها ڳالهه قابل ذڪر آهي ته پاڪستان جو آئين، آرٽيڪل 224 (1) اي ??در کي وزيراعظم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ جي مشاورت سان نگران وزيراعظم جي مقرري جو اختيار ڏي ٿو.