اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڪائونسل آف منسٽرز جي ڊ??ٽي چيئرپرسن ۽ بوسنيا اينڊ هرزيگووينا جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ترڪويچ او آءِ سي جي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي 48 هين اجلاس ?? شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آهي، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات دوران بوسنيا ۽ هرزيگووينا سان پاڪستان جي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران افغانستان، ڄمون ۽ ڪشمير ۽ اسلامو فوبيا سميت سلامتي ۽ ٻين علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. بوسنيا جي پرڏيهي وزير جي آجيان ڪندي وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته بوسنيا ۽ هرزيگوينا سان پاڪستان جا ڀائراڻا لاڳاپ?? آهن ۽ انهن لاڳاپن کي سماجي، اقتصادي ۽ تعليم جي شعبن تي ڌيان ڏيڻ سان گ??وگ?? عوام جي سطح تي لاڳاپن کي وسيع تناظر ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. پرڏيهي وزير ڊاڪٽر بسيرا ترڪوويچ پنهنجي ملڪ جي تازه ترين سياسي اڳڀرائي جي باري ۾ پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو ۽ بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي عوام جي حمايت تي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جو ٿورو ادا ڪيو. وزيراعظم بوسنيا ۽ هرزيگووينا جي خودمختيا??ي ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪو خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ اهم آهي.