اسلام آباد – 14 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آمر??ڪا جي لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير مسعود خان ملاقات ڪئي. پرڏيهي وزير ش??هه محمود قريشي پڻ ان موقعي تي موجود هو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان آمر??ڪا سميت سمورن ملڪن سان مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي، پاڪستان ۽ آمر??ڪا جا لاڳاپا حصيداري ۽ گڏيل هدفن جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم نامزد سفير مسعود خان کي هدايت ڪئي ته هو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. هن چيو ته ٻاهرئين ملڪ رهندڙ پاڪستانين سان رابطو حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ آمر??ڪا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي تمام گهڻي متحرڪ آهي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪري ٿي. وزيراعظم نامزد سفير کي هدايت ڪئي ته پاڪ آمر??ڪا لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري وڌائڻ ۽ پبلڪ ڊپلوميسي جي لاءِ ڪم ڪري. هن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي صحيح طور تي ا??اگ?? ڪرڻ تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم نامزد سفير کي نئين ذميوارين جي سلسلي ۾ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آمر??ڪا جي لاءِ نامزد سفير مسعود خان هڪ تجربيڪار سفارتڪار آهي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير طور پڻ ذميواريون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو نيويارڪ ۽ جنيوا سميت گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي طور پڻ فرض سرانجام ڏئي چڪو آهي. ان کانسواءِ واشنگٽن ڊي سي ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏئي چڪو آهي.