اسلام ??باد – 12 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم ع??ران خان ساحلي سي??حت جي فروغ لاءِ قدمن کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ع??ران خان سان بحري معاملن واري وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي ۽ آمريڪن بزنس ڪائونسل پاڪستان جي ايگزيڪيٽو ميمبر عدنان اسد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ عدنان اسد وزيراعظم کي بزنس ڪائونسل جي ميمبرن ۽ سيڙپڪارن جي موجوده حڪومت جي ڪاروبار دو??ت پاليسين جي نتيجي ۾ وڌندڙ اعتماد جي باري ۾ آگاهه ڪيو، پاڪستان جي سي??حت جي شعبي ۾ آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير سيد علي حيدر زيدي وزيراعظم کي ساحلي سي??حت جي موجوده صلاحيت ۽ وزارت جي ان جي فروغ لاءِ کنيل قدمن کان به آگاهه ڪيو. وزيراعظم س??حلي سي??حت کي فروغ لاءِ کنيل قدم تيز ڪرڻ ۽ ان سان گڏوگڏ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.