اسلام آباد – 24 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سيالڪوٽ سانحي جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ان واقعي جي ذميدارين کي جلد کان جلد انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا آهن، موسمياتي تبديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توان??ئي ۽ صحت جي چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ سارڪ ملڪن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي ضرورت آهي، سارڪ جي سيڪريٽري جنرل ايسا لاروان ويراڪون وزيراعظم عمران خان سان پاڪستان جي دوري تي جي موقعي تي ملاقات ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم سارڪ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس سارڪ جي دائري ڪار تحت علائق??ئي تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ فروغ ڏيڻ لاءِ سيڪريٽري جنرل جي ڪوششن کي ساراهيو ۽ کيس سارڪ جي دائري ڪار تحت علائق??ئي تعاون کيو ڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ حڪومت پاڪستان پاران حمايت جار?? رکڻ جي خاطري ڪرائي. وزيراعظم سيالڪوٽ واقعي جي سخت مذمت ڪندي پريانٿا ڪمارا جي موت تي تعزيت ڪئي ۽ چيو ته ان قسم جي قدمن جو ڪو به جواز پيش نٿو ڪري سگهجي، شرپسندن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ ضروري قدم کنيا ويا آهن، سارڪ چارٽر جي مقصدن ۽ هدفن سان گڏيل طور تي مستفيد ٿيڻ لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪندي وزيراعظم زور ڏنو ته سائوٿ ايشيا جي عوام جي زندگي جو معيار بدلائڻ لاءِ سارڪ اقتصادي بهتري لاءِ هڪ سازگار ۽ فائديمند ماحول فراهم ڪري سگهي ٿو، وزيراعظم ان موقعي تي زور ڏنو ته گڏيل مفادن خاص طور تي ماحولياتي تبديلي، تعليم، غربت جي خاتمي، توان??ئي جي انضمام ۽ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ تعاون وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي ضرورت آهي، وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته سارڪ سربراهه ڪانفرنس جي ميزباني ۾ ايندڙ مصنوعي رڪاوٽن جي خاتمي تي ان جو انعقاد پاڪستان ۾ ٿيندو، سيڪريٽري جنرل وزيراعظم جو سارڪ بابت مسئلن تي رهنم??ئي تي ٿورو ادا ڪندي کيس يقين ڏياريو ته سارڪ ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ ڪوششون جار?? رکنداسين جيڪو ڏکڻ ايشيا جي خطي جي سمورن ملڪن جي مفاد ۾ آهي.