اسلام آباد – 15 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا سان اسان جو مستقبل واڳيل آهي، ففٿ جنريشن ۽ هائبرڊ وار هڪ حقيقت آهي، پاڪستان جي هڪ طرف ڀارت ۽ ٻئي طرف افغانستان آهي، ان ??حاظ کان اسان جي ??طي کي ڪجهه مشڪلاتون درپيش آهن، اسان کي پنهنجي ??ميني حقيقتن موجب فيصلا ڪرڻا هوندا آهن، فرقيواراڻي فسادن جي پٺيان سڀ کان ??ڏو هٿ ڀارت ۾ ويٺل پاڪستان ??خالف عنصرن جو آهي، رياست مخالف بيانيي کي ڀارت مان سپورٽ ملي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي ??پورٽ ۾ پاڪستان کي درپيش هائبرڊ وار جي هڪ جهلڪ پيش ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيجيٽل ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته آمريڪا اڄ سپر پاور ان ??اءِ آهي جو ان جي پاڙيسريت ۾ امن آهي جڏهن ته پاڪستان جي هڪ طرف ڀارت ۽ ٻئي طرف افغانستان آهي، ان ??حاظ کان اسان جي ??طي کي ڪجهه مسئلا درپيش آهن، اسان کي پنهنجي ??ميني حقيقتن موجب فيصلا ڪرڻا هوندا آهن. هن چيو ته سوويت يونين 1979ع ۾ افغانستان تي قبضو ڪيو، اسامه بن لادن نيويارڪ تي حملو ڪيو، آمريڪا افغانستان ??ان ??ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، اهي سمورا فيصلا اسان کان ??ڇي نه ٿيا پر ان جي ??ثرن جو اسان کي منهن ڏيڻو پيو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان کي اصل ۽ جعلي خبر ۾ فرق ڳولڻ جو چئلينج درپيش آهي، آمريڪا جي ??ڳوڻي صدر اوباما 2013ع ۾ چيو هو ته حڪومتن جو سڀ کان ??ڏو چئلينج فلو آف انفارميشن کي منهن ڏيڻ آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ جڏهن ٽي ايل پي جي ??لاف آپريشن ش??وع ٿيو ته ٽن ڪلاڪن دوران ??زارين ٽوئيٽس ٿيا ته ڪراچي ۾ سول وار شروع ٿي وئي آهي، انهن سمورن ٽوئيٽس ۾ ڀارت جو وڏو هٿ آهي. هن چيو ته ڀارت مان ??ڪ فرقي بابت پڻ ڪيترائي ٽوئيٽس آيا، رياست مخالف بيانيي کي ڀارت مان سپورٽ ملي. هن چيو ته فرقيواراڻي فسادن جي پٺيان سڀ کان ??ڏو هٿ ڀارت ۾ ويٺل اينٽي پاڪستان عنصرن جو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته جن ملڪن وٽ بيانيو نه هجي، گڏ رهڻ جو جواز نه هجي ۽ دشمن هر وقت تاڪ ۾ رهي ته ان جي لاءِ بيانيي جي ??نگ وڌيڪ اهميت رکي ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جڏهن پهريون ڀيرو اطلاعات وارو وزير بڻيس ته ان ??قت مون چيو هو ته ڊيجيٽل ميڊيا روايتي ميڊيا جي ??ڳهه وٺندي، ان تي منهنجي مخالفت ٿي. هن ٻڌايو ته مون 2018ع ۾ ناڻي واري وزارت کي خط لکيو هو جنهن ۾ چيو ته ايڊورٽائيزنگ جهڙي طرح اڳتي وڌي رهي آهي، ايندڙ 5 سالن ۾ اها اٽڪل 12 ارب ٿي ويندي، 2018ع ۾ اها 4 ارب رپيا هئا ۽ رڳو ٽن سالن ۾ اها 25 ارب رپين تائين پهچي وئي. هن چيو ته هن وقت رڳو گوگل ۽ فيس بڪ اٽڪل 7 ارب رپيا ايڊورٽائيزنگ جي مد ۾ پاڪستان ??ان حاصل ڪري رهيا آهن، ايندڙ ٻن کان ??ن سالن ۾ فارمل ميڊيا ايڊورٽائيزنگ پٺتي رهجي ويندي جڏهن ته ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ اڳتي وڌي ويندي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي ڊيجيٽل ايڊورٽائيزنگ تي نظر رکڻي آهي، ان کي ريگيوليشن ۾ آڻڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته اسان کي جعلي، فرقيواراڻي ۽ نفرت انگيز خبرن تي سوچڻ جي ??رورت آهي. اسان ??اڪستان ??يڊيا ڊيولپمينٽ اٿارٽي قائم ڪري رهيا آهيون، اسان جو مستقبل ڊيجيٽل ميڊيا آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير ٻڌايو ته هن وقت ملڪ ۾ اٽڪل 114 چينلز ڪم ڪري رهيا آهن جن ۾ 31 ڪرنٽ افيئرز ۽ 42 تفريحي چينلز شامل آهن، ايف ايم ريڊيوز جو انگ 258 آهي، انهن مان 196 ڪمرشل ۽ باقي نان ڪمرشل آهن. انٽرنيٽ ٽي وي جا اٽڪل 12 لائيسنس آهن جن ۾ نيا ٽيل، پي ٽي سي ايل ۽ ورلڊ ڪال شامل آهن. ان کانسواءِ اٽڪل 1672 اخبارن مان 800 جي لڳ ڀڳ جعلي اخبارون آهن جيڪي شايع ئي نه ٿيون ٿين. اهڙين اخبارن جا اشتهار گهٽ ڪنداسين ته ان تي گوڙ ٿيندو ته ظلم ٿي ويو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ موبائيل فونز ڪنيڪشنز جو انگ اٽڪل 18 ڪروڙ آهي جڏهن ته ڪجهه صارفين وٽ هڪ کان ??ڌيڪ سمون موجود آهن، اهڙي طرح اٽڪل 10 کان 12 ڪروڙ موبائيل صارفين آهن. ٿري جي ۽ فور جي ??ارفين جو انگ 98 ملين آهي، براڊ بينڊ سبسڪرائبرز جو انگ 10 ڪروڙ جي لڳ ڀڳ آهي، اسان ??ٽ انٽرنيٽ جو دائرو ڪافي وسيع آهي. هن ٻڌايو ته واٽس ا??پ تي اٽڪل ساڍا 6 ڪروڙ ماڻهو آهن، يو ٽيوب تي 5 ڪروڙ 60 لک، فيس بڪ تي 3 ڪروڙ 70 لک ماڻهو موجود آهن. سڀ کان ??ڌيڪ ڊائون لوڊ ٿيندڙ ايپ ٽڪ ٽاڪ آهي جنهن تي ٻه ڪروڙ ماڻهو موجود آهن. هن چيو ته انسٽا گرام، لنڪ ايدن ۽ ٽوئيٽر تي اٽڪل 5 ملين ماڻهو آهن، ٽوئيٽر تي گهڻو بااثر طبقو آهي. نيٽ فليڪس ۽ ايمازون او ٽي ٽي سروسز فراهم ڪري رهيا آهن، انٽرٽينمينٽ عملي طور تي شفٽ ٿي وئي آهي، ان جي ??يڊورٽائيزمينٽ ۾ به اضافو ٿيو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گهڻا ماڻهو ڊيجيٽل طرف شفٽ ٿيندا، ڊيجيٽل منظرنامو وڌندو، ڊيجيٽل ميڊيا پاڪستان جو ميڊيا منظرنامو پيش ڪندو. هن چيو ته اهي انگ اکر هڪ سخت حقيقت آهي، ان جو مطلب اهو نه آهي ته اسان جي فارمل ميڊيا، ٽي وي يا اخبارون ختم ٿي وينديون پر انهن جو طريقيڪار بدلجي ويندو. چوڌري فواد حسين چيو ته عوامي دلچسپي به وڌي رهي آهي، ان ۾ نفرت انگيز ۽ اڻوڻندڙ مواد کي روڪڻ جي لاءِ ريگيوليشنز جي ??رورت آهي. هن مثال ڏنو ته هڪ شخص پنهنجي پاڙي جي ٻارڙين جي وڊيو ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي رکي ڇڏي ٿو ته اهي فلاڻي جون ڌيئرون آهن ۽ فلاڻي جڳهه کان اسڪول وڃي رهيون آهن، ٻاهرئين ملڪ رهندڙ ماڻهن کي ته ان سان ڪو مسئلو نه ٿيندو پر اسان ڄاڻون ٿا ته پاڙي جي ڪنهن ٻارڙي جي ??صوير ٺاهي ٽڪ ٽاڪ تي رکڻ سان ??ي سگهي ٿو ته ان جو اسڪول وڃڻ ئي بند ٿي وڃي، ان ??اءِ اسان کي اهڙن معاملن تي ريگيوليشنز آڻڻيون پونديون.