اسلام آباد – 13 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن حڪومت جو وڏو پاليسي فيصلو آهي، ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيش?? کانپوءِ چئنل جي ريٽنگ ۾ شفافيت ٿيندي، ڪيبل آپريٽرز کي ڪامياب جوان پروگرام تحت قرض فراهم ڪيا ويندا جنهن سان ڪيبل آپريٽيرز کي ڊجيٽل باڪس خريد ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اها رقم اهي پنهنجي صارفي?? کان وصول ڪري واپس ڪري س??هندا. اها ڳالهه هن هتي ڪيبل آپريٽرز ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي چيئرمين خالد آرائين سان ڳالهائيندي چئي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 4026 ڪيبل آپريٽرز موجود آهن، اسان جو مقصد ڪيبل آپريٽرز کي جديد دور جي گهرجن سان هم آهنگ ڪندي عوام کي ڊجيٽل ڪيبل جي فراهمي ممڪن بڻائڻ آهي، هن چيو ته حڪومت ??يڊ??ا ڊولپمينٽ اٿارٽي جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، ڪيبل آپريٽرز اسٽيڪ هولڊرز طور تي اٿارٽي جي قيام جي حوالي سان پنهنجون تجويزون ڏين، اطلاعات واري وفاقي وزير پيمرا چيئرمين کي هدايت ڪئي ته هو ڪيبل آپريٽرز سان ملاقات ڪري ڪيبل جي ڊجيٽلائيزيشن جي حوالي سان معاملن کي ح??مي شڪل ڏي.