اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مستحق ماڻهن کي کاڌو فراهم ڪرڻ جي تجويز کي ساراهيندي چيو آهي ته اهڙن علائقن جي نشاندهي کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي جتي ماڻهو معاشي مشڪلاتن جو شڪار ٿي ٻه وقت جي ماني کان محروم آهن، ٺوس منصوبابندي سان اهڙو نظام آندو وڃي جنهن سان مستحقين تائين پهچ سڌوسنئون ۽ آسان ٿئ??، احساس ”ڪير بکيو نه سمهي“ پروگرام ڪاميابي کانپوءِ نه رڳ?? پاڪستان پر سڄي دنيا ۾ پنهنجو مثال پاڻ هوندو. هن اهڙن خيالن جو ا??ها?? احساس ”ڪير بکيو نه سمهي“ قدمن تي بريفنگ جي سلسلي ۾ اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو.