اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ به مسيحي برادري پنهنجو مذهبي ڪرسمس جو ڏڻ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو، پاڪستان ۾ گرجا گهرن ۽ مسيحي وستين ۾ ڪرسمس جي تقريبن جو آغاز ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، خوشحالي ۽ ترقي جي ??اءِ خصوصي دعائن سان ٿيو. صدر، وزيراعظم کانسواءِ اهم شخصيتن مبارڪباد جا پيغام جاري ڪيا، پوري دنيا ۾ ان اهم ڏڻ جون ڪيتريون ئي تقريبون ڪووڊ – 19 جي ??با جي ??ي لهر جي ڪري ڊجيٽل طور تي منعقد ڪيون ويون، تنهن هوندي به ملڪ ج?? ٻين شهرن وانگر وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ مسيحي برادري اهو ڏڻ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي احتياطي تدبيرن کي اختيار ڪيو ته جئين وائرس کي پکڙجڻ کان روڪڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو وڃي. مسيحي برادري ڪووڊ -19 جي ايس او پيز کي اختيار ڪندي سرڪاري تقريبن کان وٺي ڪيڪ ڪٽڻ جي تقريبن تائين مختلف سرگرمين جو انعقاد ڪيو، مسيحي عملي جي ??يمبرن جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جي ??اءِ سڄي ه??تي کان ئي مختلف ادارن ۾ تقريبن جو سلسلو جاري ه?? جڏهن ته ايوان صدر، ڪ??پي??ل ڊولپمينٽ اٿارٽي، پاڪستان ريلويز، پرڏيهي وزارت، اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۽ ان جي ذيلي ادارن ۽ ٻين ڪيترن ئي کاتن ۾ ڪرسمس جي ڪيٽ ڪٽڻ جون خصوصي تقريبون منعقد ڪيون ويون. سڄي ملڪ ج?? گرجاگهرن ۾ خصوصي سروسز جو انعقاد ڪيو ويو ۽ مسيحي برادري ملڪ ج?? امن، ترقي ۽ خوشحالي سان گڏوگڏ وبا کان ڇوٽڪاري ۽ پوري انسانيت جي حفاظت جي ??اءِ خصوصي دعائون گهريون.