اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته گلگت جي عوام پاڪستان تحريڪ انصاف کي تمام گهڻي پذيرائي ڏني آهي، مخالف ڌر جي تقريرن ۽ بيانن سان لڳي ٿو ته اه?? پنهنجي شڪست کي ڌانڌلي جو نالو ڏيندا، اه?? اقتدار جي حوس ۾ مبتلا آهن، انهن جي سوچ جمهوري نه آهي، جمهوريت جو لباس پائي م??لم ليگ (ن) چونڊيل حڪومت جي خاتمي لاءِ غيرآئيني طريقو اختيار ڪري رهي آهي، ڪورونا جي باوجود معاشي صورتحال بهتري طرف گامزن آهي، شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جي لاءِ قدم جاري آهن، سياسي مخالفن بابت اڻوڻن??ڙ زبان جو استعمال م??لم ليگ (ن) جو شيوو آهي، اه?? ماڻهو اقتدار کي عوام جي ڀلائي جي لاءِ نه پنهنجي ڪرپشن بچائڻ ۽ دولت وڌائڻ جي لاءِ استعمال ڪن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ا??فارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.